ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد سميت عوامي ليگ جي 108 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف قتل جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب حسينا واجد ۽ ٻين ماڻهن کي 16 جولاءِ تي چٽاگانگ ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن دوران اسٽوڊنٽ ونگ جي اڳواڻ وسيم اڪرم جي مارجڻ جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شيخ حسينا ۽ ٻين خلاف ڪيس چٽاگانگ جي پنچليش پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب شيخ حسينا سميت عوامي ليگ جي اڳواڻن خلاف ڪيس مقتول وسيم جي ماءُ داخل ڪرايو.
Previous Articleڪلڪتي کانپوءِ بينگلورو ۾ ناريءَ سان لڄالٽ جو واقعو