ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) وفاقي نگران سرڪار جو ساراه جوڳو قدم، شيخ اياز، دليب ڪمار ۽ راڄ ڪمار جا گهر قومي ورثو قرار ڏيڻ جون فيصلو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب وفاقي نگران سرڪار پاران ملڪ جي ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل شخصيتن جي گهرن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
ان سلسلي ۾ تعليم جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪالهه عوامي آواز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سکر ۾ شيخ اياز جو گهر، پشاور ۾ محمد يوسف عرف دليپ ڪمار جو گهر ۽ راڄ ڪمار جي گهرن کي قومي ورثي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان لاءِ قديمي آثارن واري کاتي کي ٻن ڏينهن اندر خط لکيو ويندو.
انهن ٽنهي شخصيتين جي گهرن جي ٻولي لڳائي انهن کي خريد ڪيو ويندو ان جي رقم وفاقي آثار قديم کاتو ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته مون جڏهن وزارت جو حلف کڻي لوڪ ورثا ۾ ويس ته اتي لڳل تصويرن ۾ پاڪستان کي ٺاهڻ وارن مان سنڌ سان تعلق رکندڙ اهن ڪردار غلام محمد ڀرڳڙي جي تصوير لڳل نه هئي جڏهن ته قائد اعظم محمد علي جناح کانپوءِ ڀرڳڙي صاحب جو ٻيو نمبر آهي مون ان جي تصوير ڇپرائي لڳرائي ڇڏي آهي.
هن چيو ته ملڪ جي ترقي صرف تعليم جي بهتري ۾ آهي، سنڌ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 22 هزار اسڪولن جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل اپاءَ وٺنديون.