چڪ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ناصر حسين شاهه، آغا سراج دراني ۽ ٻين چڪ پهچي شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جا ٽي سهولتڪار سکر پوليس گرفتار ڪيا آهن، باقي قاتلن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، جنهن لاءِ نگران حڪومت سان به ڳالهه ٿي آهي.
آغا سراج خان دراني چيو ته شهيد جان محمد مهر سنڌ جو هڪ سٺو صحافي هو، ظالمن جهيڙي جي آڙ ۾ جان محمد مهر کي شهيد ڪيو آهي، هو شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي انجام تي پهچائيندا.
شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو: مراد علي شاهه
Next Article ٻارن جي اسڪول مان غير حاضري تي ماءُ پيءُ جيل ويندا