لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ڪينسر ٽيسٽ ڪليئر اچي وئي .
لنڊن ۾ شهباز شريف جي طبي معائني کانپوءِ ڪينسر اسپيشلسٽ شهباز شريف جي ڪينسر کان آجي هجڻ جي تصديق ڪئي.
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ٻه هفتا اڳ لنڊن پهچندي ئي ڪينسر جون ٽيسٽون ڪرايون هيون، شهباز شريف کي هر سال ڪينسر جي ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي آهي، ٽيسٽ رپورٽس مشهور ڪينسر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مارٽن ڪيپن ڏٺيون.
ياد رهي ته شهباز شريف کي 2000 ۾ ناياب ۽ خطرناڪ ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ان کانسواءِ شهباز شريف 2003 ۾ نيويارڪ جي سلوئن ڪيٽرنگ اسپتال ۾ ڪيئي مهينا علاج هيٺ رهيو.