اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا چيو آهي ته هن ڪيترائي هفتا اڳ پنهنجي ملڪ ۾ سک اڳواڻ جي قتل ۾ مبينا طور تي ڀارتي سيڪيورٽي سروسز جي ملوث هجڻ جا ثبوت فراهم ڪيا هئا ڇو جو آمريڪا ڀارت تي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو.
ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڀارتي حڪومت سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي جون ۾ ٿيل قتل ۾ ملوث آهي، جنهن جي جاچ جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جمعي جي ڏينهن هڪ نيوز ڪانفرنس دوران وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کان ڀارت تي لڳايل الزامن بابت پڇيو ويو جيڪي هن لڳايا هئا.
ڪينيڊين وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت کان اسان کي اميد آهي ته هو اسان سان ان سنگين معاملي جي تهه تائين پهچي سگھنداسين.
هن چيو ته اسان انهن الزامن بابت سومر ڏينهن ڀارت سان ڳالهايو هو. اسان اهو ڪيترائي هفتا اڳ ڪيو هو.
واضح رهي ته سک اڳواڻ کي جون ۾ برٽش ڪولمبيا ۾ عبادگاهه ٻاهران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو ۽ ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي.
بلومبرگ نيوز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪينيڊين اختياريون ڀارتي حڪومت سان رابطن ۽ فون نمبرن جي ڀائيواري ڪئي، جيڪي مبينا طور تي سک اڳواڻ جي قتل کي ڀارتي ايجنٽن سان جوڙين ٿا.
ڀارت سرڪاري طور تي ڪنهن به ڄاڻ جي ڀائيواري جي ترديد ڪندي الزام کي ”احمقاڻو“ قرار ڏنو آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزير جي ترجمان ارندم باغچي جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي ڪئناڊا طرفان ڪا خاص ڄاڻ شيئر ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته آمريڪا واضح ڪيو آهي ته اميد آهي ته ڀارتي حڪومت ڪئناڊا سان گڏجي ڪم ڪندي.