خيرپور 11 مارچ 2023؛ سنڌ حڪومت پاران خيرپور لاءِ مقرر ڪيل اقليت معاملن جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ گڏجاڻي، ضلعي ۾ عام واهپي جي شين کي سرڪاري اگهن تي وڪري تي عملدرآمد، رمضان المبارڪ دوران يوٽيليٽي اسٽورز، بچت بازارن ۾ عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ ڊي سي آفيس، اسسٽنٽ ڪمشنرز آفيسن ۽ بازارن ۾ شڪايتي سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا جي نگراني ۾ پرائيس ڪنٽرول، مارڪيٽ ڪاميٽين ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن تي ٻڌل پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي فلوز ملز ۽ آٽا چڪين جي دورو ڪري سرڪاري اگهن جي چڪاس ڪندا سهڪار نه ڪرڻ واري ملز ۽ چڪين کي سيل ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪبير محمد شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ مير محمد علي ٽالپور، ڊي ايس پي پرويز جوڻيجو، مارڪيٽ ڪميٽين جا سڪريٽري…