اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شهادت اعواڻ کي ٽائوٽ قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هو گهڻو ڳالهائيندو ته کيس ڪرسيءَ کڻي ڪڍندو، گذريل ڏينهن سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر شهادت اعواڻ سيف الله جي تقرير تي اعتراض ڪيو. ان دوران سيف الله ابڙو ۽ شهادت اعواڻ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.ان دوران ڪميٽي جا ٻيا ميمبر به ٻنهي کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر آيا.ٻئي طرف نجي ٽي وي موجب اسلام آباد ۾ احتجاج تي پابندي جو بل سينيٽر عرفان صديقي اجلاس ۾ پيش ڪيو، جيڪو اعتراضن سان منظور ڪيو ويو. چيئرمين ڪميٽي بل تي تحفظات جو اظهار ڪيو جڏهن ته سيف الله ابڙو به مخالفت ڪئي.