ھنڱورجا (رپوٽر امتياز خاصخيلي)
سوڀوديرو جي ڳوٺ ڄام سھتو جي رھواسي پريمي جوڙي اميربخش سھتو ء فاۂزہ سھتو پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ اسان ٻنھي پنجاب جي شھر احمد پور شرڪيا جي عدالت م پسند جي شادي ڪۂي آھي جنھن تي فاۂزہ سھتو جي وارثن اسان جو جيۂڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي سوڀوديرو ٿاڻي ڪوڙا ڪيس داخل ڪراۂي اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي جنھن ڪري اسان ھن وقت درپدري واري زندگي گزراڻ تي مجبور آھيون اسان کي قتل ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو آھي ناري فاۂزہ سھتو ٻڌايوتہ شريعت محمدي تحت شادي ڪري ڪو بہ گناھ جو ڪم ناھي ڪيو مون کي پنھنجا ماۂٽ قتل ڪرڻ چاھين ٿا نوجوان امير بخش سھتو ٻڌايو تہ فاۂزہ سھتو جي ماۂٽن اسان جي خلاف سوڀوديرو ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي منھنجي گھر تي قبضو ڪري گھر مان ڦرلٽ ڪہي وۂي آھي ھن چيو تہ معززين وٽ دانھيو آھي پر ڪير تدارک ڪرڻ لاء تيار ناھي ھن مطالبو ڪيو تہ قتل جو ڌمڪيون ڏيندڙن جي خلاف ڪارواۂي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي