ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ سون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 22 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 77 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 1886 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 37 هزار 654 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 22 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 6 سئو 75 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ ست سئو رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
Next Article رپيو مضبوط، ڊالر ڪمزور ٿي ويو