ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ مسلسل ٻه ڏينهن لاٿ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون ٻه هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 62 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1714 رپيا رپيا واڌ بعد 2 لک 24 هزار 708 رپين ۾ ورڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 22 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 2 هزار 503 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
سون مسلسل ٻه ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو
Previous Articleڊالر سستو ۽ رپيو مهانگو ٿي ويو
Next Article انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو