ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 81 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 772 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 41 هزار 598 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر واڌ سان 2 هزار 721 ڊالر في اونس آهي.
Previous Articleڪراچي: ٻارن ۾ نمونيا جو مرض وڌڻ لڳو