ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت نئين رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون چار سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 66 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 343 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 28 هزار 309 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون يارنهن ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 577 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
Previous Articleسنڌ ۾ ڄم جي سرٽيفڪيٽ جي فيس ختم ڪرڻ جي منظوري