شڪارپور (رپوٽ: سميرا ڀٽي)
شڪارپور بچايو تحريڪ جو وفد چيئرمين الاهي بخش شيخ جي قيادت ۾ ، وائيس چيئرمين علي احمد ٻرڙو ، جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ڪاغذي ، جوائنٽ سيڪريٽري علامه فضل الله نوراني ، آفيس سيڪريٽري اعجاز ڪاڪيپوٽو ، ڪامريڊ اسدالله سومرو ، ايڊوڪيٽ علي اصغر پهوڙ ، ڪامريڊ احسان جيهو پاران
سول سوسائٽي خانپور ، امن ڪميٽي طرفان امن امان بابت لڳايل احتجاجي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي شرڪت ڪئي وئي ۽ هر قسم جي ههدردي جو اظھار ڪيو ويو
جتي ايم اين اي شڪارپور وفاقي وزير مير عابد خان ڀيو پاران به احتجاجي ڪئمپ تي پهچي خانپور واسين جون تمام چوريون ، ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون رڪوري ڪرائي ڏيڻ سميت امن امان يقيني ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائڻ کانپوء احتجاجي ڪئمپ ختم ڪرائي وئي