برن (ويب ڊيسڪ) عالمي تعليمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت هائر ايجوڪيشن ڪميشن سان گڏجي پاڪستاني شاگردن لاءِ ايندڙ تعليمي سان 2024-25 لاءِ ”ايڪسيلينس اسڪالرشپ“ جو اعلان ڪيو آهي.
سوئس ڪنفيڊريشن هر سال ايڪسيلينس اسڪالرشپس ڏيندي آهي جنهن ۾ 180 ملڪن کان وڌيڪ ملڪن جي اسڪالرز ۽ رسرچرز کي سوئٽزرلينڊ ۾ تعليمي ۽ تحقيق سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي.
اهي اسڪالرشپس مختلف شعبن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ رسرچرز لاءِ دستياب آهن، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ماسٽرز ڊگري وارا ئي ان جي اهل هوندا.
اهو پروگرام سوئٽزرلينڊ ۾ ڊاڪٽريٽ يا پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي سطح تي تحقيق يا اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمندن جي آجيان ڪري ٿو.
سوئس گورنمينٽ ايڪسيلينس اسڪالرشپس جو بنيادي مقصد ماسٽر يا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري مڪمل ڪندڙ غير ملڪي رسرچرز لاءِ تعليمي موقعا پيدا ڪرڻ آهي.
اسڪالرشپ حاصل ڪندڙن جي چونڊ فيڊرل ڪميشن فار اسڪالرشپس فار فارن اسٽوڊنٽس (ايف سي ايس) جي نگران ۾ ڪئي ويندي.
خواهشمند اميدوارن لاءِ ماسٽرز کانپوءِ هڪ سال جي تحقيق، ماسٽرز کان پوءِٽن سالن جي پي ايڇ ڊي، ۽ هڪ سال جي پوسٽ ڊاڪٽريٽ پروگرام رکيا ويا آهن.
سفارتخاني طرفان درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر آهي، وڌيڪ تفصيل سرڪاري ويب سائيٽ تي دستياب آهن.
اهو قدم سوئٽزرلينڊ جي تعليمي ۽ عالمي تحقيقي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.
Previous Articleقرآن پاڪ جي بي حرمتي روڪڻ لاءِ ڊينمارڪ بل تيار ڪري ورتو
Next Article نوبل انعام جي تقريب ۾ ايران کي نه گھرائڻ جو فيصلو