ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 2 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، سول اسپتال جي ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ جي انچارج ڊاڪٽر رومانا فرحت موجب ڪتن جي ڏاڙهڻ جا روزانو 120 ڪيس سامهون اچن ٿا، جن ۾ ٻار ۽ وڏا شامل آهن، انگن اکرن موجب نوري ۾ 27 هزار 333، فيبروري ۾ 27 هزار 473 ۽ مارچ ۾ 29 هزار 426 ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، اپريل ۾ 25 هزار 514، مئي ۾ 25 هزار 311، جون ۾ 22 هزار 305، جولاءِ ۾ 22 هزار 558، آگسٽ ۾ 22 هزار 575 ۽ سيپٽمبر ۾ 24 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.