ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ريڊ بس بي آر ٽي جي تعمير دوران وڻن جي واڍي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ۾ عدالت سڄي سنڌ ۾ ڪنهن به منصوبي جي تعمير دوران وڻ وڍڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
عدالت حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ڪراچي جي ميئر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
حڪم نامي موجب گذريل ٻڌڻي تي ڪراچي جي ميئر کان 5 سالن جي وڻڪاري بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي، رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪراچي کي ميئر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، هن نه رپورٽ پيش ڪئي نه پاڻ پيش ٿيو.
عدالت طرفان جاري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي هر وڻ بدلي 5 وڻ پوکڻ جي خاطري تي معاهدي جي منظوري ڏني هئي، اڳ ۾ طئي ڪيو ويو هو ته وڻن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو پر پوءِ وڻ وڍيا ويا، اي پي اي موجب منصوبي جي تعمير دوران 3 هزار 800 کان وڌيڪ وڻن وڍيا ويا.
عدالت حڪم ڏنو ته ميئر يقيني بڻائي ته ڪنهن وڻ کي نه وڍيو ويندو، جيڪڏهن ضروري ٿيو ته وڻن کي متبادل هنڌ منتقل ڪيو ويندو، ٻيلو کاتو شهر ۾ وڻن جي حوالي سان سروي ڪري، بنيادي ذميواري ٻيلي کاتي جي آهي ۽ ان کي مقامي حڪومت نه سنڀاليندي، ضرورت پوڻ تي وڻ وڍڻ لاءِ ضلعي جي سيشن جج کان اجازت حاصل ڪرڻي پوندي.
Previous Articleسنڌ ۾ مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري