ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) سنڌ ۾ 10 سيپٽمبر تي صبح 8 وڳي کان سي اين جي اسٽيشنون بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوئي سدرن گئس ڪمپني سي اين جي اسٽيشنز بند ڪرڻ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان موجب سنڌ ۾ سي اين جي ۽ آر ايل اين جي اسٽيشنون 10 سيپٽمبر تي صبح 8 وڳي کان 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهنديون، جنهن جو مقصد گهريلو واهپيدارن جي ضرورت پوري ڪرڻ آهي.
ترجمان ٻڌايو ته جنرل انڊسٽريز کي به 24 ڪلاڪن لاءِ گئس پهچ بند رهندي، جڏهن ته ڪيپٽو پاور کي به 24 ڪلاڪن لاءِ گئس نه ملندي.
Previous Articleڊالر جا پويان پير، رپيو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو