ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ٻاهران سنڌ رواداري مارچ خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون، ۽ مظاهرين سان بدتميزي تي ايس ايڇ او عيد گاهه ۽ پريس ڪلب تي مقرر ٻن سينيئر پوليس اهلڪارن سوڌو واقعي ۾ ملوث اٺ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا ڪراچي ۾ پريس ڪلب تي سول سوسائيٽي جي احتجاج دوران عورتن مظاهرين سان بدتميزي ۽ تشدد تي سخت ايڪشن ورتو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي اسد رضا چيو ته واقعي ۾ ملوث اٺ پوليس اهلڪارن سميت ايس ايڇ او عيد گاهه ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ٻن سينيئر اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ڊي آءِ جي آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڇهن عورتن سميت اٺ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو هو.
معطل ڪيل اهلڪارن ۾ ڪياماڙي ضلعي سان تعلق رکندڙ محمد عفان ۽ سيد امين، ڏکڻ ضلعي جي نائلا رحمان، بي بي مريم، عائشه رحمان ۽ ڊسٽرڪٽ سٽي جي مصباح راشد، بي بي آمنه ۽ حنا گل شامل آهن.
ايس ايس پي سي کي معاملي جي انڪوائري جي هدايت ڪئي وئي آهي.
حڪمنامي موجب، معطل اهلڪارن خلاف لاڳاپيل ايس ايس پي کي کاتي جي ڪارروائي ڪندي 14 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سنڌ رواداري مارچ خلاف پوليس ڪارروائي ڪئي هئي ۽ ان دوران پوليس طرفان عورت مظاهرين کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو.