خير محمد آريجا ( رپورٽ اشفاق بخاري)
سنڌ حڪومت طرفان زراعت کاتي ۽ عملدارن پاران باقراڻي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن آبادگارن ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي مد في ايڪڙ پنج هزار رپيا ڏيڻ جو سلسلو شروع
تفصيل موجب: باقراڻي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن آبادگارن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي نظام الدين جتوئي ۽ زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر منٺار علي پھنور ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تعلقه باقراڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر الله ڏنو عرف اعجاز علي ابڙو جي نگرانيءَ ۾ روينيو کاتي طرفان رجسٽر ڪيل ٻوڏ متاثر کاتيدار آبادگارن ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي مد ۾ في ايڪڙ پنج هزار رپيا ڏيڻ وارو پھريون مرحلو شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب تعلقي انتظاميه طرفان خير محمد آريجا جي قلندر آباد جي سرڪاري گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٻوڏ متاثر کاتيدار آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آريجا ٽائون ۽ ڳيريلو ٽائو…