ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين خلاف به آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين خلاف ڪريڪ ڊائون جا حڪم جاري ڪيا.
شرجيل ميمڻ هدايت ڪئي ته رزل پيپر، رولنگ مشين، ميٿ پائپ، گلاس پائپ ۽ منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ٻين شين جي وڪري جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، ڪنهن به هنڌ، گهر، هوٽل يا ريسٽورنٽ تي منشيات جي وڪري جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن چيو ته معاشري ۾ منشيات جو وڌندڙ رجحان ڳڻتيءَ جوڳو آهي، منشيات خلاف آپريشن ۾ رينجرز ۽ پوليس مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي.
سنڌ حڪومت جو منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين خلاف به آپريشن جو حڪم
Previous Articleسپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جو ڪيس ڪاز لسٽ مان ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو
Next Article ڪراچي: ڪارساز روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ ڇوڪري ۽ پيرسن فوت