سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊجيٽل آدمشماريءَ کي رد ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته ڳڻپ قبول نه ڪئي ويندي، شهرين کي ڊجيٽل آدمشماري ۾ پاڻ ڳڻائڻ گهرجي، وفاقي سرڪار تي واضح ڪيو آهي ته آدمشماري درست نه ٿي ته قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آدمشماري ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پراڻي آدمشماري تي چونڊ ٿيندي يا نئين ته ڪابه ڄاڻ ناهي، برساتي ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ٻج لاءِ رقم ڏني پئي وڃي.