حيدرآباد / ٺٽو(نمائندا/ پ ر) سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ قومپرستن سنڌو درياھ تي پنج نوان ڊيم اڏڻ واري منصوبي کي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آھي ته ڪالاباغ ڊيم سميت 5 نوان ڊيم ٺاهڻ جي سازش سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي، سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم قبول ناھي، ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو به ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، حورالنساءِ پليجو، ڪاشف ملاح ۽ حسين سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جا حڪمران سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي، نوان ڊيم ٺاهڻ جي پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن. ڪالا باغ ڊيم جي رٿا ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس ۽ پنج نون ڊيمن جون رٿائون سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهن. وفاقي حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي مڪمل طور قبضو ڪري رهي آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي رٿا پيش ڪري ٽن صوبن جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي چيو ته سنڌو تي نوان ڊيم ٺاهڻ واري منصوبن کي سنڌين خلاف سازش سمجهون ٿا اهڙو ڪو به منصوبو قبول ناهي جيڪو سنڌين جي وجود جي خلاف هجي، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو آهي جنهن ۾ وفاقي سرڪار ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو پلان جوڙي رهي آهي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن ريت قبول نه ڪندا. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، سينيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاھه ڀاڏائي ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ملڪ جون طاقتور قوتون سنڌ جي پاڻي تي مسلسل قبضو وڌائي رهيون آھن، انهن قوتن کي نه عالمي قانون قبول آھي نه ملڪي معاھدا قبول آھن نه ئي هنن جي نظر ماحولياتي تباهڪاريون آھن، هنن کي رڳو پنهنجي عسڪري طاقت ذريعي سنڌو درياهه تي روز به روز قبضو وڌائڻو آھي، 91 ٺاھه جي توهين ڪندي غير قانوني فيصلا ڪرڻ وارو عمل سنڌي قوم کي منظور ناهي، سنڌ کي پاڻي ٺاھه موجب پاڻي ڏنو وڃي.ٺٽو جي رپورٽر منصور جلالاڻي موجب ٺٽي جي علمي، ادبي شخصيتن، صحافين ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌوءُ تي 5 نوان ڊيم اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آھي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي کلي عام سنڌ دشمني ڪري رھيو آھي، سنڌ جا ماڻھو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو تي 5 نون ڊيمن جي اڏاوت جي سخت مزاحمت ڪندا، ڪالهه ٺٽي جي علمي ادبي شخصيتن ۽ صحافين پاڻي ماھر ۽ ليکڪ انجنيئر اوڀايو خشڪ، ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، ھندو پنچائت جي دريانو مل، سنڌي ادبي سنگت جي فقير اڪرم مڱڻھار، سماجي اڳواڻ نظير جاکرو، منصور جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ارسا ۾ ايڪٽ آڻي من پسند ميمبر مقرر ڪري سنڌ جي جي حِصي جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، سنڌ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۾ پ پ پ برابر جي حصيدار آھي، سنڌ اسيمبلي ۾ بِل پيش ڪري ڍونگ رچايو پيو وڃي، سنڌ جا ماڻھو اهڙن فيصلن کي نه رڳو رد ٿا ڪن پر ان خلاف سخت مزاحمت پڻ ڪندا.