مشهور ڀارتي هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي کي سڄي دنيا ۾ ” لارجر دين لائيف “ مطلب حقيقت کان وڏيون فلمن سبب ڄاتو ويندو آهي، هن نه رڳو نوي جي ڏهاڪي ۾ هم دل دي چُڪي صنم جهڙي هِٽ فلم ٺاهي پر انکانپوءِ ديو داس، بيلڪ، رام ليلا، باجي رائو مستاني پدماوت جهڙيون لازوال تاريخي فلمون ڏنيون
گذريل سال جي سڀ کان ڪامياب فلم گنگو ٻائي ڪاٺيواڙي ٺاهڻ کانپوءِ هن پنهنجي ايندڙ پراجيڪٽ ” هيرا منڊي “ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي
هن ويب سيريز جي ڪهاڻي پاڪستان جي شهر لاهور جي هيرا منڊي جي چوڌاري ڦري ٿي جيڪو ”شاهي محلي“ جي نالي سان به مشهور آهي
ان ويب سيريز جي ٽيزر کان هي لفظ اسڪرين تي نظر اچن ٿا ته ” سنجي ليلا ڀنسالي اوهان کي هڪ اهڙي جهان ۾ وٺي ويندو جتي طوائف راڻي هوندي هئي“ جنهن کانپوءِ ٽيزر شروع ٿئي ٿو
ان ٽيزر ۾ مشهور اداڪارائن سوناڪشي سنها، منيشا ڪوئرالا، اديتي رائو حيدري، شرمين سيگل، سجنيدا شيخ ۽ ريچا چڊا کي عروسي لباس ۽ زيور پهريل ڏيکاريو ويو آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آهي
ويب سيريز ذريعي هدايتڪار سنجي ليلا نه رڳو او ٽي ٽي جي دنيا ۾ قدم رکندو پر هو هيرا منڊي ۾ رهندڙ طوائفن جي زندگي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو جنهن کي پرڏيهي ريڊ لائيٽ ڊسٽرڪٽ يا ريد لائيٽ ايريا جي نالي سان ڄاڻين ٿا
واضح رهي ته هي علائقو مغل دور ۾ رقص ۽ موسيقي لاءِ مشهور هو پر بعد ۾ ان بازارِ حسن سڏجڻ لڳو، جتي برطانوي فوجين سان گڏوگڏ مقامي رئيس ۽ نواب به ويندا هئا