ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ درجنين عورت استادن ڪيترن ئي سالن کان غير حاضر هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.ذريعن موجب تعليم کاتي جا 36 عورت استاد 7 کان 10 سالن کان غير حاضر آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته غير حاضر عورت استادن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته کين آخري موقعو ڏيڻ لاءِ عمل شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب غير حاضر عورتن ۾ اڪثريت جو تعلق ڪراچي جي ڪاليجن سان آهي.