وارھه (ويب ڊيسڪ) سانا طرفان وارھه لڳ ڳوٺ ڪوڙو بروھي ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ سانا جي مالي سهڪار سان ٺھندڙ 52 گھرن جو سانا صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپپٽو دورو ڪيو، سانا جو سينيئر ميمبر طفيل ميمڻ پڻ ساڻس گڏ هو.
سماجي تنظيم سرسو ان منصوبي تي عمل ڪرائي رھي آھي، جنھن لاءِ سانا طرفان 15 ملين رپيا ڏنا ويا آھن.
سانا جي وفد ڳوٺاڻن، خاص ڪري عورتن سان ملاقات ڪئي، جن جي نالي ھي گھر ڏنا ويا آھن، گھرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا ويا آھن.
سرسو جي مقامي عھديدارن سانا جي صدر کي ٻڌايو ته تعمير هيٺ گھر ايندڙ ٽن مھينن ۾ مڪمل ڪيا ويندا.
Previous Articleسنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خبر اچي وئي
Next Article ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ