ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد جي مذمت ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بختاور چيو ته پرامن مظاهرين کي پرتشدد طريقي سان منهن ڏيڻ تي اسان سڀ شرمساري ۽ ڪرڀ محسوس پيا ڪيون.
هن چيوته صوبائي گهرو وزير معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اهڙي جواز پيش نه ڪرڻ جوڳي بربريت ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.