راڻيپور واقعي جو جوابدار پير فياض شاهه حيدرآباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملڻ کانپوءِ منظر تي اچي ويو.
پير فياض شاهه راڻيپور جي جيلاني دستگير هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي فاطمه ڦرڙو جي وفات تي بي حد ڏک آهي، هوءَ اسان جي نياڻي هئي.
هن فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي قرآن پاڪ جو واسطو ڏينديو چيو ته اسان سان ائين ڇو ٿا ڪيو، توهان پاڻ اچي رهندا هئا درگاهه، نياڻي اسان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ان سان اهڙو ظلم ڪنداسين.