سيٺارجا (رپورٽ سيد زبير علي شاھ بخاري)اڄ PS 28 جي MPA رئيس ساجد علي ٻانڀڻ ٽيڪنيڪل ڪاليج ٺري ميرواه ۾ برسات متاثرين هاري آبادگارن کي في ايڪڙ 5000 هزار روپيه ڏيڻ جو افتاح ڪيو جنهن کانپوء مستحقن کي پئسه ڏيڻ جو سلسلو جاري ڪيو ويو ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ جو ڊاريڪٽر عبدالمعروف ٻانڀڻ , ڊپٽي ڊاريڪٽر لطيف اصغر شر سندس فرزند رئيس سعد الاهي ٻانڀڻ مير چنيسر علي ٽالپر,جاويد اعواڻ ڀوتار ربنواز آمر اڳوڻو چئرمين حاجي عليداد جوڳي فقير امتياز لاشاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا ,ان موقعي تي ايم پي اي صاحب چيو ته ٺري ميرواه ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃين ۽ اسان جو وچن آھي ته هر ڳوٺ ۽ واهڻ وسطيء ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندا رهنداسين رئيس ساجد علي ٻانڀڻ تعلقي ٺري ميرواه جي ڳوٺن ۾ دعوتن ۾ شرڪت ڪئي