دادو (ويب ڊيسڪ) ناڻي کاتي دادو ۾ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
اينٽي ڪرپشن اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
جاچ آفيسر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر دادو کي خط لکيو آهي، اينٽي ڪرپشن رڪارڊ فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.
اڪائونٽس آفيسر ڌڻي بخش، اڪائونٽنٽ علي شير، آڊيٽر فهيم ۽ وحيد تي ڪرپشن جو الزام آهي.
سمورن کي رڪارڊ سميت سڀاڻي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته 2022 کان 2023 ۾ ڪروڙين رپين ڪرپشن جا اطلاع آهن، پينشن، گريجوئٽي بلز، جاري ڪيلرقم جو رڪارڊ ڏنو وڃي.
ياد رهي ته ٻوڏ دوران وڏي پئماني تي فنڊز ۾ گهوٻيون هيون ويون آهن.
ذريعن موجب پينشن جا معاملا مجموعي طور تي اربين رپين جا آهن.