خيرپور نيوز
خيرپور ڀرسان فيض واهه شاخ ۾ 2 نينگر پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويا . علائقي واسين نوجوانن کي بيهوشي واري حالت ۾ پاڻي مان ٻاهر ڪڍيا ويا ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال پهچايو ويو اسپتال ۾ ٻئي نينگر فوت ٿيڻ جي تصديق . لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام ۾ مچي ويو خيرپور ڀرسان شاهه حسين ٿاڻي جي حد وارث ڳنڀير ٻاهران گذرندڙ فيض واهه شاخ جي ڪناري تي راند کيڏيندي ٻه نينگر محمد علي پٽ ايڊوڪيٽ اسد الله ڳنڀير . زين العابدين پٽ منٺار ڳنڀير سميت چار نينگر پاڻي ۾ ڪري پيا جنهن کي علائقي واسين ڏسي کين بچائڻ لاءِ ڪيترائي ڳوٺاڻا پهچي شاخ ۾ لهي پاڻي ۾ ٻڏي ويل نينگرن جي ڳولها ڪئي اڌ ڪلاڪ جي ڳولها بعد ڳوٺاڻن پاران ٻڏي ويل نينگرن کي هٿ ڪرڻ بعد کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايا جتي ڊاڪٽرن پاران ٻن نينگرن زين العابدين ۽ محمد علي ڳنڀير جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪندي فوتي نينگرن جا مڙهه اسپتال مان ڪاروائي ڪرڻ بعد سندن وارثن حوالي ڪيا جنهن بعد ٻنهي فوتين جا لاش کڻائي ڳوٺ وارث ڳنڀير ۾ پنهنجي گهر پهچايا ته گهرن ۾ قهرام مچي ويو. ٻنهي فوتي نينگرن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جا ٻئي نينگر واهه ۾ ڪري پيا جنهن کي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت کين ڳولها ڪري پاڻي مان ٻاهر ڪڍيا جنهن کي اسپتال پهچايا پر ڊاڪٽرن کين فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي
Previous Articleخانواهڻ سھارا عظيم فائونڊيشن طرفان سامان تقسيم ڪيو ويو۔