جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ مسافر ڪوچ ۽ مني ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب مسافر ڪوچ ڪوئيٽا کان صادق آباد وڃي رهي هئي ته ٺُل جي گرڊ اسٽيشن ڀرسان حادثو پيش آيو.
پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
پوليس موجب زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
Previous Articleسون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي