اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جو سربراهه عمران نيازي ڊڄڻو عدالتي حڪم تي به گرفتاري ڏيڻ کان گهٻرائي رهيو آهي، قانون جي حڪمراني جا ڀاشن ڏيندڙ اڄ عدالتي حڪمن جا بخيا اڊيڙي رهيا آهن، گرفتاريءَ جي خوف کان عمران خان جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن.