ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارساز وٽ گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوتگي واري ڪيس ۾ پولیس جوابدار عورت جي جسماني ریمانڊ جي گهر ڪئي، عدالت جوابدار نتاشا جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو.
جوابدار عورت جي وڪيل عامر منسوب جو موقف هو ته سندس موڪلا جي ذهني ڪيفيت درست ناهي هو جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، کيس ضمانت ڏني وڃي.
عدالت چيو ته جوابدار عورت جي پيشي کانسواءِ ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. عدالت خاص مئجسٽريٽ جا فرض انجام ڏئي رهي آهي، عدالت کي ضمانت ڏيڻ جو اختیار ناهي.
عدالت هڪ ڏينهن جو رمانڊ ڏئي رهي آهي، سڀاڻي عورت کي لاڳاپيل عدالت ۾ پیش ڪيو وڃي.
عدالت حڪم ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار پیش ٿيڻ جوڳو ناهي ته سندس میڊیڪل سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پیش ڪيو وڃي.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گرفتاري وقت جوابدار جو ڊرائیونگ لائسنس قبضي ۾ ورتو ويو یا موجود آهي؟ جاچ آفیسر عدالت جي سوال جي جواب ۾ ڪنڌ لوڏي نه ۾ جواب ڏنو.
وڪيل عامر منسوب جو چوڻ هو ته سندس موڪلا وٽ پاڪستاني نه برطانوي لائسنس آهي، جنهن جي جواب ۾ عدالت چيو ته ڇا یو ڪي جو لائسنس پاڪستان ۾ قابل قبول ٿي سگهندو اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
عدالت عورت کي سڀاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پیش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.