ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اميگريشن عملي جعلي ميڊيڪل ۽ ڪاروباري دستاويزن تي پاڪستان اچي ڪراچي کان جرمني ويندڙ ٽن افغان عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي اميگريشن اختيارين موجب، هڪ مسافر عورت عزيزا محمدي علاج ڪرائڻ جي ويزا وٺي پاڪستان آئي هئي ۽ پيش ڪيل رڪارڊ موجب هوءَ 27 اپريل کان 20 مئي 2024 جي وچ ۾ اسلام آباد جي انٽرنيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي جڏهن ته پاسپورٽ جي ڇنڊڇاڻ دوران پتو پيو ته هوءَ پاسپورٽ ٺهڻ کانپوءِ هينئر تائين پهريان ڪڏهن به پاڪستان نه آئي هئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙي طرح هڪ ٻي افعان عورت مهريه رحماني پاڪستان ۾ ڪاروباري ويزا آئي هئي پر دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ خبر پئي ته هوءَ پنهنجي مڙس اقبال حڪيمي سان گڏ پاڪستان جي ڪاروباري سفر تي هئي، مڙس بابت پڇاڳاڇا تي عورت پاڻ کي ڪنوارو ظاهر ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو ڪنهن اقبال حڪيمي نالي شخص کي نٿي سڃاڻي.
اختيارين موجب، زهرا سلطاني نالي افغان عورت طرفان پيش ڪيل رڪارڊ موجود هوءَ 2 سپٽيمبر تي هڪ مريض عورت مرمن پروين سلطاني جي اٽينڊنٽ طور تي پاڪستان پهتي هئي پر اميگريشن اختيارين جڏهن جاچ پڙتال ڪئي ته رڪارڊ مان معلوم ٿيو ته مرمن پروين سلطاني نالي افغان مريض اڄ تائين پاڪستان ۾ ناهي آئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ دوران ثابت ٿيو ته هن بيمار جي تيماردار جو بهانو بڻائي جعلسازي ذريعي پاڪستاني ويزا حاصل ڪئي.
جعلسازي تي ڄاڻايل ٽنهي عورتن کي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل جي حوالي ڪيو ويو آهي جتي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.
Previous Articleملڪ ۾ سون اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ
Next Article سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري