سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر تي قاتلاڻي حملي بعد اسپتال ۾ غفلت ڪرڻ جوانڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي صحت کاتي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
جاچ ڪاميٽي اڄ کان جاچ شروع ڪئي آهي.
صحت کاتي طرفان اسپتال ۾ غفلت ڪرڻ تي ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
ڊاڪٽر شهاب الدين جي سربراهي ۾ ڪاميٽي سڀاڻي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيسن موجب ڪاميٽي جاچ ڪري پنجن ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي.