سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن سهولتڪارن کي وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
جاچ آفيسر جي اڳواڻي ۾ سکر پوليس ٽن جوابدارن بخش علي عرف بخشو مهر، بابر مهر ۽ منور مهر کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن شهيد جان محمد مهر جي قاتلن سان رابطي ۾ هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن کي گرفتار ڇو ناهي ڪيو ويو.
جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ڪچي واري علائقي ۾ پناهه ورتي آهي جلد کين گرفتار ويندو.
جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ جاري آهي وڌيڪ 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.
عدالت جاچ آفيسر جي درخواست تي جوابدارن جو 6 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي جوابدارن کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.