ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا کانپوءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ به پاڪستاني نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ديواني ٿي وئي.
افغانستان خلاف ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ ۾ نسيم شاهه چوڪو لڳائي پاڪستان کي فتح ڏياري، جنهن کانپوءِ نسيم شاهه جي ڪارڪردگي جي ڪرڪيٽرن ۽ مداحن طرفان واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
پر برطانوي هاءِ ڪمشنر به قومي ٽيم جي فاسٽ بالر جي تعريف ڪرڻ بنا نه رهي سگهي، صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران جين ميريٽ چيو ته نسيم شاهه آخر ۾ بائونڊري لڳائي منهنجو فيوريٽ پليئر بڻجي ويو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ سٺا مقابلا ٿيا، پاڪستان جي سڄي ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ماڻحن کي ڪرڪيٽ جو وڏو شوق آهي، جڏهن ته منهنجو پيءُ مون کي ڪائونٽي ڪرڪيٽ لاءِ وٺي ويندو هو.
برطانوي هاءِ ڪمشنر به نسيم شاهه جي ديواني ٿي وئي، ڪارڪردگي جي واکاڻ
Next Article ايشيا ڪپ لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان ٿي ويو