اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي اگهن جي معاملي تي هنگامي اجلاس ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجلي جي ڳرن بلن جي معاملي تي ٿيندڙ اجلاس ختم ٿي ويو، اهو اجلاس ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو.
اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي جو اگهه نيپرا طئي ڪندي آهي ۽ بجلي اگهن ۾ تبديلي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس تحت ٿيندي آهي.
ذريعن موجب نگران وزيراعظم عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بجلي چوري روڪڻ لاءِ به هنگامي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
ذريعن موجب بجلي بلن سان ستايل عوام کي فوري طور تي رليف ڏيڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو، بجلي جي اگهن ۽ بلن تي سڀاڻي وري اجلاس ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم بجلي بلن تي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون ۽ عوام کي رليف لاءِ تجويزون به طلب ڪيون.
واضح رهي ته بجلي بلن ۾ واڌ خلاف عوام جو ٽئين ڏينهن به ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي.