رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ بازن جي نيلامي تي شوقينن لکين ڊالر اڏائي ڇڏيا، سڀ کان مهانگي باز فالڪو چيروگ جي قيمت پنج لک ريال لڳائي وئي.
رياض ۾ بازن جي نيلامي رٿي وئي، جنهن ۾ شوقينن دل کولي واڪ ڏنو.
نيلامي دوران گڏيل طور تي 642 بازو وڪرو ٿيا، جن جي ماليت 21 لک ڊالرن کان وڌيڪ آهي.
نيلامي ۾ مختلف رڪارڊ ٽوڙ سودا ڏسڻ ۾ آيا، سڀ کان وڌيڪ مهانگو مقامي نسل جو باز فالڪو چيروگ وڪرو ٿيو جنهن جي قيمت پنج لک ريال لڳائي وئي، اها قيمت گذريل نيلامي ۾ 2 لک 70 هزار ريال هئي.
ان کانسواءِ خالص اڇي رنگ جو فالڪو چيروگ باز پنج لک 50 هزار ريال جڏهن ته نيلامي جي آخري رات جو آسٽريا جي هڪ فارم جو فالڪو چيروگ هڪ لک 25 هزار ريالن ۾ وڪرو ٿيو.
نيلامي جو ٽيون رائونڊ ذڪر ڪرڻ جوڳي طور تي ڪامياب رهيو، جنهن ۾ بازن جي وڪري ۾ گذريل ايونٽ جي ڀيٽ ۾ 218 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو.
نيلامي ۾ آمريڪا، جرمني، اسپين، برطانيا ۽ آسٽريا سوڌو 16 ملڪن حصو ورتو.