ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان منشيات جس سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
ڪسٽمز اختيارين بئنڪاڪ کان ڪراچي لاءِ بُڪ ڪرايل پارسل مان 50 لک رپيا ماليت جي اڌ ڪلو کان وڌيڪ منشيات برآمد ڪري ورتي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ميل آفيس ڪراچي ايئرپورٽ تي پارسل آيو، جنهن تي ڊفينس ڪراچي جو پتو لکيل هو.
ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽمز جو چوڻ آهي ته پارسل جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.