نارٿ ڪيرولائنا (ويب ڊيسڪ) سامونڊي حيات تي تحقيق ڪندڙ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ اهڙي مڇي آهي، جيڪا پنهنجي اک کانسواءِ پنهنجي جسم جي هڪ ٻئي عضوي سان به ڏسي سگهي ٿي.
سائنسدانن کي تحقيق مان نتيجو حاصل ٿيو آهي ته پنهنجي کل سان ڏسڻ جي صلاحيت رکندڙ مڇي اولهه اوقيانوس سمنڊ ۾ ملي ٿي.
ڊيوڪ يونيورسٽي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي عجيب کل مان ڏسندڙ مڇي پنهنجي ان خاصيت جي ڪري ڀرپاسي جي ماحول ۾ سڪون سان رهي ٿي ڇو ته کيس شڪارين کان بچڻ ۽ پنهنجي لاءِ شڪار ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي.
خابرن ادارن موجب محققن جو چوڻ آهي ته نارٿ ڪيرولائنا ۽ برازيل وچ ۾ ملندڙ چهنمبر وات واري هاگفش جي کل ۾ هڪ حسي فيڊ بيڪ ميڪنازم هوندو آهي جيڪو تيزي سان اڇي کان ڀوري رنگ ۾ تبديل ٿي ڀرپاسي جي ماحول موجب ٿي ويندو آهي.
هن ميڪينزم جو ذميوار هڪ هلڪو حساس پروٽين آهي جنهن کي اوپسن چيو ويندو آهي.