ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي ٽيسٽ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته ايم ڊي ڪيٽ نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ مبينا بي قاعدگين خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.
داخل درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، پي ايم سي ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو.
درخواستگذار وڪيل نواز ڏاهري ايڊووڪيٽ چيو ته 22 سيپٽمبر تي ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ٿي، ٽيسٽ کان اڳ ئي پرچو سوشل ميڊيا تي آئوٽ ٿي چڪو هو.
هن اپيل ڪئي ته نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ جي آءِ ٽي کان جاچ ڪرائي وڃي.
Previous Articleوڻ وڍڻ خلاف درخواست تي ڪراچي جو ميئر سنڌ هاءِ ڪورٽ طلب
Next Article حڪومتي سسٽم هلندو پر….! منظور وساڻ جي وڏي اڳڪٿي