دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ آمريڪي صدارت جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پنهنجي ڪابينا ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي.
گذريل ڏينهن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ان بابت غور ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ايلون مسڪ کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪندو.
مسڪ جي تعريف ڪندي ٽرمپ چيو ته هو هڪ سمجهدار ۽ بهترين انسان آهي، جيڪڏهن راضي ٿيو ته مان کيس پنهنجي ڪابينا ۾ ضرور شامل ڪندس.
ٽرمپ جي آڇ تي سوشل ميڊيا تي جواب ڏيندي ايلون مسڪ چيو ته مان خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.