ملتان (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي افتتاح ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملتان اسٽيڊيم ۾ پاڪستان نيپال خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 342 رنسون ٺاهيون.
قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 151 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، سندس اننگز ۾ 14 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته افتخار احمد ناقابل شڪست 109 رنسن جي اننگز کيڏي، هن 11 چوڪا ۽ 4 ڇڪا هنيا.
فخر زمان 14، امام الحق 5، محمد رضوان 44، آغا سلمان 5، شاداب خان 4 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ نيپال جي ٽيم 23.4 اوورن ۾ 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سومپال ڪامي 28، عارف شيخ 26، گلسان جها 13 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
پاڪستان طرفان شاداب خان 4، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2، نسيم شاهه ۽ محمد نواز هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.