توهان دنيا ۾ عجيب عجيب ڳوٺ علائقا ۽ آباديون ته ٻڌيون هونديون جيڪي پنهنجي انوکائپ جي حوالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون، پر ڇا توهان ڪڏهن اهڙو خطو ٻڌو آهي جيڪو هر ڇهين مهيني پنهنجو ملڪ مٽائيندو آهي. مطلب ته ان علائقي جا ماڻهو هر ڇهن مهينن کانپوءِ ٻئي ملڪ جي ٿي ويندا آهن.
اسپين ۽ فرانس جي سرحد تي هڪ اهڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي جنهن جي مالڪي ٻنهي ملڪن ۾ هر ڇهين مهيني تبديل ٿيندي آهي.