ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ شهر ۾ امن امان جي بحالي لاءِ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا سمورا ڪاروباري صرافا بازار، گهنٽاگهر چوڪ، ڊکڻ بازار، وڌي شاهه چوڪ، رسالدار روڊ، ڪشمور روڊ، ساقي موڙ، ڊي سي روڊ تي قائم ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز دڪانون بند رهيا، هڙتال دوران شهر ۾ آل پارٽيز موومينٽ جي اڳواڻن شهر ۾ گشت ڪندي کليل دڪان بند ڪرايا، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر ميهرچند، دلمراد ڏاهاڻي، حافظ نصرالله عزيز، غلام مصطفيٰ ميراڻي، شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، اسين وڏي عرصي کان مطالبو ڪندا رهيا آهيون ته اسان کي امن قائم ڪري ڏنو وڃي پر امن امان قائم نه سگهيو آهي، اسان جي حال تي ڪنهن کي به رحم نه آيو آهي، هاڻ اسين پنهنجي قسمت هن تحريڪ ذريعي تبديل ڪنداسين، هي هڙتال ڪامياب هڙتال آهي ۽ اهڙي ئي نموني مسلسل 3 ڏينهن تائين هڙتال جاري رهندي، اسان جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي ته هاڻ اسان به ڪنهن جي پرواهه نه ڪنداسين، تحريڪ 15هين ڏينهن کان جاري آهن هن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو ظاهر ناهي ٿيو، امن امان جي بحالي تائين تحريڪ جاري رهندي، احتجاج دوران ايس ايڇ او ۽ مظاهرين ۾ ڏند چڪ ٿي، ان دوران مظاهرين وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا، پوليس اٽالا به پهچي ويا، پوليس اٽالن جي موجودگي ۾ مظاهرين پوليس جي ناجائزي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي مظاهرين غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو اسان جي احتجاجي ڪئمپ تي چڙهائي ڪري اسان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو آهي، پوليس عملدار اسان جي ڪارڪنن کي پنڊال خالي ڪرڻ جا داٻا ڏنا ۽ هڙتال ختم ڪرائڻ ۽ ايف آءِ آرز جون ڌمڪيون ۽ داٻا ڏنا.
شهري امن چاهين ٿا، پاڻمرادو ڪاروبار بند ڪيو آهي: اڳواڻ
ڪنڌڪوٽ: شهري اڳواڻن پوليس عملدار جي ناروا رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هي پورو شهر عوام پاڻمرادو بند ڪيو آهي، هتان جي عوام امن و امان جي بحالي چاهي ٿي هتان جا شهري سڪون سان جيئڻ چاهين ٿا سڪون سان روزگار ڪرڻ چاهين ٿا پر پوليس ڏوهارين ڌاڙيلن خلاف وڙهڻ بدران پرامن احتجاجي ڪئمپ تي پهچي اسان کي هراسان ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿو جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان گُهر ڪئي ته ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو خلاف ڪارروائي ڪري هتان جي عوام کي امن بحال ڪري ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ هي تحريڪ جاري رهندي.
رستم ڀرسان پنجاب واسي 2 ڄڻا گم ٿي ويا،اغوا جو شڪ
لکي غلام شاهه (ت ر ) رستم ڀرسان، پنجاب جي علائقي سنجرپور واسي ڪار سوار محمد صادق مھر ۽ ڊرائيور ڪليم الله ميراڻي گم ٿي ويا ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي مهراب مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس والد محمد صادق مھر ڪار ڊرائيور ڪليم الله ميراڻي سان گڏجي رستم ڪنھن ڪم سانگي آيل ھو. جتان واپس ورڻ وقت اڱاري واري ڏينھن اچانڪ رستي مان پراسرار نموني ٻئي ڄڻا گم ٿي ويا آھن ۽ سندن نمبر به بند ملن ٿا جنھن ڪري انتھائي پريشان آھيون ۽ شڪ ٿيو آھي ته کين اغوا ڪيو ويو آھي ھن مطالبو ڪيو ته اسان جي گم ٿيل ھمراھن جو نوٽيس وٺي کين واپس ڪرايو وڃي.هوڏانهن ٻن ڄڻن جي مبينا طور اغوا ٿيڻ جو رستم پوليس کي اطلاع ملڻ بعد پوليس ۾ٿرٿلو مچي ويو.
تنگواڻي ۾ اغوا ٿيل ٻن بگٽي نوجوانن جي وڊيو وائرل
تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ڀرسان تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد غوثپور تنگواڻي لنڪ روڊ تان 15 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل بگٽي برادري جي ٻن نوجوانن اسدالله بگٽي ۽ منظور بگٽي جي ھڪ ٻي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي، ايم اين مير شبير علي خان بجاراڻي به اها وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته سندس همدرديون بگٽي برادري سان آھن، ھو پنھنجي قبيلي سان گڏ بگٽي متاثرن سان گڏ آھي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بگٽي برادري جي ٻنھي نوجوانن کي زنجيرون لڳل آھن جيڪي بگٽي برادري جي چڱن مڙسن کان گھر ڪندي چون ٿا ته ھٿياربند کين ماري ڇڏيندا، ھنن منٿون ڪري ٽن ڏينھن جي مھلت ورتي آهي، بازياب ڪرايو وڃي، جيڪڏھن ھنن کي ماريو ويو ته ذميوار ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي هوندو.
احتجاج ڪندڙ سڀ بشني، چورن ۽ ڌاڙيلن جا يار آهن: ايس ايڇ او
ڪنڌڪوٽ: ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو احتجاجي ڪئمپ تي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي جيڪي به هڙتال ڪرائن ٿا، جيڪي احتجاج ۾ ويٺل آهن اهي سڀ بشنين، چورن ۽ ڌاڙيلن جا يار آهن، انهن مان ڪنهن جي ڪنهن جي هفتي ۾ موٽرسائيڪل چوري ٿيندي هئي ڪنهن جي موبائيل گم ٿيندي هئي ته آئون ڀري ڏيندو هئس، هاڻي جڏهن ڀتا خوري بند ڪئي آهي ته هي هاڻي سبب پوليس خلاف هڙتالون به ڪن ٿا ۽ احتجاج به ڪن ٿا، ايس ايڇ او چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت اسلامي جو جلسو هو جماعت اسلامي اڳواڻ 3 بشني پڪڙي اي سيڪشن ٿاڻي تي آندا پر اهو اڳواڻ انهن بشنين مٿان ايف آءِ آر ڪرائڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هتي وري اهي سڀ گڏ ٿيا آهن، ڏوهارين کي مارڻ لاءِ هنن بشنين ۾ همت ناهي، هي ڇا ڪندا هي سڀ صرف پوليس سان ڊرامو ڪري رهيا آهن، پوليس کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن اهي ليڊر ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن، پوليس جو ڌاڙيلن خلاف پريشن هلندڙ آهي، پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون آهن هتي هي ليڊر گڏ ٿي ويا آهن، اهي ٻڌائين ته ڪڏهن ڪنهن شهيد پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ۾ هي ماڻهو شريڪ ٿيا؟ ايس ايڇ او چيو ته شهر کي زوري بند ڪرايو پيو وڃي جيڪو غلط عمل آهي، مهانگائي جو دور آهي ته سڀ امير ماڻهو آهن جيڪي هڙتال به ڪرائن ٿا ۽ احتجاج به ڪرائن ٿا غريب مزدورن جا دڪان بند ڪرائي انهن کي بيروزگار ڪرڻ ٿا چاهين.
سنڌ ۾ آئين ۽ قانون بدران ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي بالادستي آهي
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي جنھنڪري پريا ڪماري سميت ڪيترائي مغوي اڃا به ڌاڙيلن وٽ قيد آهن. اڳواڻن چيو ته سردارن جون اوطاقون آباد ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون بدران ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي بالادستي آهي. پوليس ڏوهاري سردارن ۽ ڌاڙيلن خلاف قانوني ڪارروائي نٿي ڪري، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڌاڙيلن کي مڪمل طور حڪومتي سرپرستي حاصل آهي. حڪومتي سرپرستي ۾ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنس ۾ مڪمل طور ڌاريل راڄ قائم ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن کي سرڪاري گاڏين ۾ اسمگل ٿيل هٿيار فراهم ڪرڻ جا وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا آهن، ان باوجود عدالتن جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪري سنڌ ۾ قائم ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪيو وڃي. ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن ۽ سرڪاري عملدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ڌاڙيلن کي نيٽو جي هٿيارن جي فراهمي متعلق اعليٰ عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي.
عوام جو ساٿ کپي، امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي: ايس ايس پي
ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان جو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ آهي پوليس آپريشن ۾ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي اسان به هن ضلعي جي امن امان جي لاءِ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڌاڙيلن سان وڙهي رهيا آهيون، اسان جا پوليس جوان شهيد ٿيا آهن، اسان ڪيترن ئي ڪچي جي ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جا حوصلا بلند آهن، اسان کي عوام جو ساٿ کپي، عوام جي ساٿ سان ئي امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي.
احتجاج ۾ معصوم ٻارڙا به شامل، امن جي بحالي لاءِ نعرا
ڪنڌڪوٽ: معصوم ٻارڙن جي ذهنن ۾ به بدامني جو خوف طاري ٿيل آهي امن و امان جي بحالي لاءِ گهنٽاگهر چوڪ وٽ قائم احتجاجي ڪئمپ ۾ معصوم ٻارڙا به شريڪ ٿيا، معصوم ٻارڙن امن امان کي بحال ڪرائڻ جا نعره هنيا ۽ امن و امان جي بحالي جو مطالبو ڪيو.