ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جڊيشل ايڪٽوازم سان سڀ کان وڌيڪ متاثر پ پ ٿي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ميثاق جمهوريت سان ارڙهين ترميم وجود ۾ آئي، آصف زرداري سمورا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا، آئيني عدالتن جي معاملي تي پ پ 2008 ۾ به ڪليئر هئي.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، 45 سالن کانپوءِ فيصلو آيو ته بي ڏوهه هو، جن ماڻهن عدليا کي اکيون ڏيکاريون انهن تي هلڪو هٿ رکيو ويو، پي ٽي آءِ باني تي ايترا ڪيس ثابت ٿيا آهن پر ان باوجود کيس عدالتن مان رليف ملي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته عدالتون فيصلا قانون جي دائري ۾ رهي ڪنديون آهن پر ڪجهه مخصوص ججن طرفان قانون کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار کان حساب وٺڻ گهرجي، آئين جي تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم ضروري آهي پر ٽوڙڻ نه، قانون ٺاهڻ جو واحد اختيار پارليامينٽ وٽ آهي.
Previous Articleاين ايف سي ايوارڊ تي خدشا وفاق سامهون رکيا آهن: مراد علي شاهه
Next Article ملڪي معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي: وڏو وزير