ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 92 هزار 514 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 366 پوائنٽون واڌ سان 92 هزار 304 جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح 92 هزار 514 به قائم ڪئي، بازار ۾ اڄ 75 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 32 ارب رپيا رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 49 ارب رپيا وڌي 11858 ارب رپيا آهي.