ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران تيزيءَ جو رجحان ڏٺو ويو ۽ 100 انڊيڪس تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 1539 پوائنٽن جي واڌ سان 82 هزارن تي ڏٺو ويو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 82 هزار جي سطح تي پهتو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 997 پوائنٽن جي واڌ سان 81 هزار 459 تي بند ٿيو.
بازار ۾ 45 ڪروڙ 90 لک شيئرز جا سودا ٿيا، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 18 ارب 61 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 55 ارب رپيا واڌ سان 10665 ارب رپيا آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو
Previous Articleانٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو
Next Article پاڪستاني معيشت لاءِ سٺي خبر، وڏي ڊيل طئي ٿي وئي