اسلام آباد پوليس طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ گرفتاريءَ لاءِ زمان پارڪ جو گهيراءُ، نوٽيس جمع، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون، ڇڪتاڻ، آءِ جي جو پوليس پارٽي سان فون تي رابطو، عمران خان جي گرفتاري يقيني بڻائڻ جي هدايت، گرفتاري لاءِ پنجاب پوليس کان به مدد حاصل ڪئي ويندي، تحريڪ انصاف چيئرمين کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو، پوليس جو چوڻ آهي ته عمران خان گرفتاري ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، ڪارڪنن کي عمران خان جي گرفتاريءَ ۾ رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي.